اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن وز??را??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سردار اختر مينگل وز??را??ظم کي بلوچستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پاران وز??را??ظم جي ملڪي بقاءَ ۽ بلوچستان جي ترقي لاءِ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، باصلاحيت بلوچ نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن جن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر بندرگاهه جي ترقي سان گڏوگڏ گوادر جي مقامي ماڻهن کي عالمي معيار جي شهري سهولتن جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سردار اختر مينگل چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وز??را??ظم شهباز شريف بلوچستان جي نوجوانن جي ترقي ۽ خوشحالي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻايو، ٻوڏ دوران وز??را??ظم بلوچستان جي علائقن جو پاڻ دورو ڪري متاثر بلوچن جو درد ونڊيو جيڪو اڄ کان اڳ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هن چيو ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف گذريل هڪ سال ۾ ملڪ ۾ شديد معاشي مشڪلاتن ۽ قدرتي آفتن جي باوجود ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو.
پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی