اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪ??و، آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن کي يقيني بڻائڻو آهي ته شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين، آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ته چونڊن جي وقت وفاق ۽ صوبائي اڪائين ۾ نگران حڪومتون قائم هجن. پنهنجي بيان ۾ و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪ??و، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي، خدشا هئا ته هڪ ماڻهو جي اناءَ جي ڪري ٻن صوبن تي زبردستي چونڊون مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿيندي ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿينديون. 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته سدائين جي لاءِ تڪراري ٿي وڃن ها. چونڊون 30 اپريل تي ٿين ها ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڇهه مهينا اڳ اسيمبليون ختم ٿي وڃن ها. و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آ??مش??اري جو عمل جاري آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آ??مش??اري کان اڳ ۽ ٻين ۾ آ??مش??اري کانپوءِ چونڊون ٿين، اهو نه ٿو ٿي سگهي. هڪ شخص جي مرضي تي آئين نه ٿو هلي سگهي، هو ج??هن چاهي آئين ٽوڙي ڇڏي، ج??هن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهو نه هلندو، ج??هن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، ج??هن چاهي اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آور ٿئي ، ج??هن چاهي چونڊون ٿين ۽ جيڪي چاهي فيصلا اچن، اهو نه هلندو.
اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ