ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري ??حمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي ??وقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحاليءَ جي ??نصوبن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ??يونگ انڊس منصوبي جي ??ول متن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وس??لن جي بحاليءَ جي حوالي سان ان جي ??ائدن جي باري ۾ پريزينٽشن ڏني. سينيٽر شيري ??حمان پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ نئين سر بحاليءَ جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان سلسلي ۾ عالمي برادريءَ جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب پيدا ٿيل مسئلن کي مُنهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج ??هي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي سببن جو ذميدار ناهي پر ان جي باوجود ان جي ??اڪاري ??ثرن جو شڪار آهي. پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي ??نصوبن تي ڪم ڪري ??هيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان پائيداريت جي حاصلات جي ذريعي قدرتي آفتن جي ??قصانن کي گهٽ ڪري ??گهجي.
دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ