اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير ج?? سرگرمين ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏي??دو?? اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل يو جين زو ڪوف منيلا ۾ ورچوئل پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي، هن پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي همدردي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته بئنڪ اڳ ئي خوراڪ جي فراهمي ۽ خيمن جي فوري خريداري لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته انتهائي ضر??ري فوري امداد، متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ 500 کان 700 ملين ڊالرن تائين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جنهن جي منظوري هلندڙ سال جي آخر ۾ ڏني ويندي، هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ معاشي طور ڪمزور طبقن تي خوراڪ جي وڌندڙ قيمتن ۽ ٻ??ن ٻاهرين جٽهڪن جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب ڊالر جي ڪائونٽر سائيڪليڪل سپورٽ تي ڪارروائي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ امداد ۽ قدمن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان مقامي حڪومت ۽ ٻ??ن عالمي ترقياتي شراڪتدارن جي ويجهي تعاون س??ن ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن نقصانن جي ضر??رتن جي ڪاٿي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي جيڪو امڪاني طور تي ايندڙ مهيني جي وچ ڌاري مڪمل ٿي وي??دو?? هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب قدرتي آفتن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهي، هن ٻوڏ سبب 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان 6 لک جي لڳ ڀڳ امدادي ڪيمپن ۾ آهن، ٻوڏ سبب 1.7 ملين گهرن کي نقصان پهتو آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ امداد ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ مدد لاءِ 2 ارب ڊالرن کان وڌيڪ مدد جي منظوري ڏيندو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ