پتن – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ بر??ات کان متاثر آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، سڄي دنيا مان متاثرين جي امداد تي انهن جا ٿورائتا آهيون، الله سان واعدو آهي ته اسان سڀ گڏجي يقيني بڻائينداسين ته ڪو حقدار ??مداد کان محروم نه رهجي وڃي، امداد جي شفاف ورڇ ۽ پهچ يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا ڏيندي، مصيبت جي گهڙيءَ ۾ سمورن متاثرين سان گڏ بيٺل آهيون. وزي??اع??م شهباز شريف ٻوڏ ۽ بر??ات کان متاثر لوئر ڪوهستان جو دورو ڪيو جتي هن ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪشمنر هزاره ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر وزي??اع??م کي امدادي ڪاررواين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته هن علائقي ۾ 18 فوتگيون ٿيون آهن، متاثرين جي لاءِ رهائشي ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. وزي??اع??م ان موقعي تي متاثرين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هتي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي خانداننس ان همدردي جي اظهار لاءِ حاضر ٿيا آهيون، ڪالام، سوات، بحرين، ڪوهستان ۾ درياءَ ۾ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، هتي ڦاٿل سياحن کي هٿياربند فوج جا هيليڪاپٽرز محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن، وفاقي حڪومت مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين سان گڏ بيٺل آهي جيستائين انهن کي پنهنجي گهرن ۾ بحال نه ڪنداسين سک سان نه ويهنداسين، صوبائي حڪومتون، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ انتظاميا متاثرين جي خدمت لاءِ موجود آهن، ٻوڏ ۽ برسا??ن سبب جنهن گهر کي به نقصان پهتو، ان کي 25 هزار ??پيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا وفاق پاران ڏنا پيا وڃن. وزي??اع??م چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ان کانسواءِ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت جتي به ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، جيترا وسيلا به ٿيا آهن اهي انهن تي لڳائينداسين، دوست ملڪن پاران امداد ملي ره?? آهي، انهن جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ايران، چين، ترڪيءَ سميت ٻيا ڀائر ملڪ اسان جي مدد ڪري رهيا آهن. آمريڪا، برطانيا به امداد جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل قومن 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل ڪئ?? آهي. هن چيو ته جتان به اسان کي امداد ملندي، الله تعاليٰ سان واعدو آهي ته سڀ گڏجي ان کي حقدار ??ائين پهچائينداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن اهڙي شخص کي جيڪو حقدار نه آهي امداد نه ملي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي لاءِ 10 ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي شفاف طريقي سان ورهائيندي. وزي??اع??م ان عزم جو اظهار ڪيو ته آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. ان موقعي تي وزي??اع??م جو صلاحڪار ??نجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، پيپلزپارٽي اڳواڻ نجم الدين خان پڻ وزي??اع??م سان گڏ هئا.
ٻوڏ ۽ برسات کان متاثر آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria