مدينه منوره – 28 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي و??يراعظم محمد شهباز ??ريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري ??وري ??ي مدينه منوره پهچي ويو. مديني جي گورنر فيصل بن سلمان السعود اعليٰ سعودي عملدارن سان گڏ هوائي اڏي تي و??يراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي و????ر بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري ??الڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز ??ريف جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهرين غير ملڪي دورو آهي، دوري ??وران وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري ??ابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حُوالي سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم روضه ﷺ تي حاضري ڏيندو ۽ عمره جي سعادت حاصل ڪندو. ان موقعي تي ٻئي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري دوري تي وفد سان سعودي عرب پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria