اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين چيو آهي ته اسان جي سياست جو بنياد جمهوريت آهي، عوام جي راءِ اسان جي لاءِ مقدم آهي، اسلام آباد ۾ جلسي جو مقصد ٽڪراءُ نه آهي، تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، اسان شدت پسندي جي سياست ناهيون ڪندا، نه ئ?? ٽڪراءُ تي يقين رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيو، چوڌر?? فواد حسين چيو ته چوڌري شج??عت صاحب معتبر شخصت آهي، وزيراعظم چوڌري صاحب کي سدائين عزت ??ني آهي، جمهوريت ۾ عوام جي راءِ اصل فيصلو آهي ۽ جلسا ان راءِ جي اظهار جو هڪ اهم ذريعو آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر پرامن جلسو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جلسي کي به ڀليڪار چئون ٿا ۽ هر طرح جي سهولت ڏينداسين.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا