اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪ??مت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آهي، ڪورٽ رپورٽر سٺي طريقي سان اها ذميداري سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چوڌري فواد حسين پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلا??ات واري وفاقي وزير راجا محسن اعجاز کي صدر ۽ عديل سرفراز کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عدليه تي عوام تي اعتماد وڌائڻ ۾ ڪورٽ رپورٽن?? جو اهم ڪردار آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جون خدمتون تحسين جي لائق آهن، اطلا??ات ۽ نشريات واري وزير چيو ته صحافين جي ??لا??ي لاءِ قدم اسان جو عزم آهي. صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊ فراهم ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي صحافي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي ??لا??ي سميت ذميداراڻي صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش