اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ پنهنجي ??ورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪر??چي ۾ آهي، 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪو هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي ته سامهون آڻي. بلاول زراري جي ??طاب تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته خيبرپختونخواهه جي ??اريخ ۾ جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جو ناڪام ترين جلسو ٿيو آهي ته اهو پيپلزپارٽي جو آهي، ڪاش بلاول اڄ سنڌ ۾ 13 سالا اقتدار جي ڪارڪردگي پن پيش ڪري ها. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين ۾ جڏهن ته ڪر??چي ۾ 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وڃي ٿي ۽ جڏهن معاملو اوپن ٿئي ٿو ته چيو وڃي ٿو ته ڪوئا کائي ويا آهن، ڪاغذن ۾ سنڌ ۾ اربين رپيا صحت ۽ تعليم جي ??عبي تي خرچ ٿيا پر اڄ به سنڌ جي ??سپتالن ۾ ايمبولينس نه آهن، تعيلمي ادارن ۾ جانور ٻڌل نظر اچن ٿا. مملڪتي وزير چيو ته سنڌ جي ??وام کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن ۽ لينڊ مافيا جي ??حم تي ڇڏيو ويو آهي، جعلي ڊوميسائيل تي نوڪرين جو ا??زاز به پيپلزپارٽي حڪومت کي ئي حاصل اهي، گرين لائين، سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي ??رقي، نالن جي ??فائي سميت هر وڏو ڪم وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت سواءِ ڪرپشن جي ڪجهه نه ڪري رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته بلاول جي ڳالهين مان ثابت ٿي چڪو آهي ته پيپلزپارٽي جو مقابلو پي ڊي ايم سان آهي، اهي پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهندا، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ٻنهي پنهنجي پنهنجي ??ورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، بلاول جي ??ڪارڊ جي ??رستگي جي لاءِ ڌائڻ چاهيون ٿا ته پيپلزپارٽي 7 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، اسان جي ??ڪومت ماضي جي ??مام گهڻن قرضن ۽ انهن تي وياج جي ??دائيگي جي لاءِ باهريان قرض وٺڻ تي مجبور آهي، بلاول احب واقعي ئي سنڌ ۾ عوام جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، سنڌ جي ??وام پيپلزپارٽي کان هر صورت ۾ ڇوٽڪارو چاهي ٿي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي ??ستي تي گامزن آهي، سواءِ بلاول، شهباز جي ??ڀ ڄاڻين ٿا، ماضي ۾ اوورسيز پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي سان معيشت هلائيندڙ اڄ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ??لاف بيٺل آهن، پيپلزپارٽي کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي لاءِ جدا اليڪٽورل ڪاليج جي ??جويز ان وقت ڇو ياد نه آئي جڏهن انهن جي پنهنجي ??ڪومت هئي، بلاول جلسن ۾ شهيدن کي سلام ته ڪري ٿو پر اڄ تائين دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز جي ??هيدن جي گهر ناهي ويو. مملڪتي وزير فرخ هبيب چيو ته 2018ع جي چوندن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان اڳوڻي فاٽا سميت سمورن پٺتي پيل علائقن ۽ انهن جي ??وام کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، پيپلزپارٽي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ به ڪرپشن جو بازار گرم هو. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته سماجي ??حفظ جي لاءِ احساس پروگرام جي لاءِ هلندڙ سال 260 ارب رپيا رکيا ويا آهن، احساس تحت 34 پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آهن.
پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار