اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صنعتي ت??قي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت روزگار جي فراهمي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهي اهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ??ڪومت جي مثبت پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود وڏي پئماني جي صنعت ۾ ت??قي خوش آئنده اهي، صنعتن جي پنهنجي پوري صلاحيت تي هلڻ سان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. ملاقات ۾ ملڪي صنعتي ت??قي جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ 1500 ايڪڙ تي ٻڌل صنعتي زون جي ت??مير تي اڳڀرائي ۽ ايس ايم اي پاليسي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن