ڪراچي – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سامونڊي آلودگي ۾ گهٽتائي بحري شعبي جي پائيداري لاءِ ضروري آهي ۽ پاڪستان ان حوالي سان موثر ڪوششون ڪري رهيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي منعقد سيمينار کي اسلام آباد مان وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪن??ي ڪيو. تقريب جو اهتمام ميري ٽائيم معاملن ج?? وزارت مقامي ??وٽل ۾ ڪيو هو، صدر چ??و ته پاڪستان سامونڊي وسيلن سان مالا مال آهي ان جون بندرگاهون ۽ شپ يارڊ قومي ??عيشت ۾ پنهنجو حصو وجهي وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
صدر چ??و ته بحري معاملن وارو وفاق?? وزير سيد علي حيدر زيدي پاڪستان جي سامونڊي حدن ۽ ساحلي علائقن مان آلودگي جي خاتمي ??اءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪري ماهيگيري جي شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي.
ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽائيم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آهن پر بدقسمتي سان سيڙپڪار ان شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه نه آهن.
وفاق?? وزير سيد علي حيدر زيدي چيو ته ڪيترائي شعبا بليو اڪانومي سان ڳنڍيل آهن، اسان ماهيگرن جي ترقي لاءِ هڪ ڪامياب ماهيگير پروگرام شروع ڪيو آهي، انهن کي آسان قسطن ۾ قرض فراهم ڪرڻ گهرجي.