اسلام آبا?? – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪري افغانستان مان عالمي صحافين کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت، صحافين ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪار??نن جي تحفظ جو حامي آهي. هن چيو ته پاڪستان صحافين جي حقن جي حوالي سان پنهنجي عالمي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آه??. ا??غانستان ۾ عالمي ميڊيا جي ميمبرن کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي. سٽيون بٽلر چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ عالمي صحافين جي نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا دا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس