ڪراچي – 14 فيبروري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي س??ڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون ڪڍڻ جي دعويٰ هارس ٽريڊنگ جو اعتراف ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي س??نيٽ چونڊن تي ڏنل بيان تي وڊيو پيغام ۾ پنهنجو ردعمل ڏيندي ڪيو. حليم عادل شيخ اعترافي بيان تي س??ريم ڪورٽ کان ان جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ??هي. مخالف ڌر اڳواڻ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خواب ۾ ڇيڇڙا نظ?? اچي رهيا آهن، گذريل سينيٽ چوندن ۾ سنڌ جي عوام جو پئسو ڦريو ويو هو، پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه ۾ نوٽن جي ڳٺڙين سان ووٽ خريد ڪيا هئا. حليم عادل شيخ چيو ته اسان چاهيو پئي ته چونڊون اوپن ??اء?? شماري تي ڪيون وڃن پيپلزپارٽي سدائين مخالفت ڪئي ??هي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جي غريب عوام جو پئسو هي ماڻهو سينيٽ چونڊن تي لڳائڻ چاهين ٿا.
سيد مراد علي شاهه جي سنڌ مان سينيٽ جون 10 سيٽون ڪڍڻ جي دعويٰ هارس ٽريڊنگ جو اعتراف آهي: حليم عادل شيخ
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria