اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ??اب??نا احتساب جي عمل کي وڌيڪ تيز ??رڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ 30 نيون خصوصي احتساب عدالتون قائم ڪرڻ، افغانستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ ۾ ٽن مهينن جي لاءِ واڌ، ٽي لک ٽن ڪڻڪ ۽ 5 لک ٽن کنڊ درآمد ??رڻ جي حوالي سان پيپرا قانونن ۾ ڇوٽ ڏيڻ ۽ مختلف ادارن ۾ مق??رين جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ پي پيز سان ٿيندڙ حڪومتي ڳالهين جي نتيجي ۾ ايندڙ 20 سالن ۾ ملڪ کي 800 ارب رپين جو فائدو ٿيندو ۽ بجلي جي قيمت گهٽ ??رڻ ۾ مدد ملندي، ??اب??نا سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي 6 سال پراڻي ڪڻڪ جي فراهمي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، حڪومت سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري، هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع، بل اسيمبلي ۾ پيش ۽ آرڊيننس جاري ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ حقيقت ڏسندي جيڪو به فيصلو ڪندي اسان کي قبول هوندو، وزيراعظم 60 کان وڌيڪ ادارن ۾ سربراهن جي مق??ري لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي، ايندڙ اجلاس ۾ هيستائين مق??ري نه ??رڻ تي جواب به طلب ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ??اب??نا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته ??اب??نا ان رپورٽ تي انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن موجب سنڌ حڪومت پاران 32000 ٽن ڪڻڪ جيڪا 6 سال پراڻي ۽ انساني استعمال جي لاءِ مضر هئي صوبي جي مختلف علائقن جي لاءِ رليز ڪئي پئي وڃي. وفاقي ??اب??نا نوٽ ڪيو ته س??ڌ پاران عوامي ضرورتن جي وقت ڪڻڪ ريليز نه ??رڻ ۽ وفاقي حڪومت کان ڪڻڪ ۽ کنڊ جي موجود اسٽاڪس بابت معلومات وقت سر شيئر نه ??رڻ سان جتي انهن جنسن جي قيمتن ۾ مصنوعي اضافو ڏسڻ ۾ آيو، ذخيره اندوزي جي شڪايت سامهون آئي اتي ڪڻڪ جو هڪ وڏو مق??ار جيڪو انساني استعمال لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ها ضايع ٿيو آهي ۽ عام ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار ٿيو. ??اب??نا کي شگر انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ جي نتيجي ۾ ڪيل ڪارروائي ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ??اب??نا کي ٻڌايو ويو ته شگر انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ اڪثر شگر ملز پاران عدالت سان رجوع ڪيو ويو هو. ان حوالي سان عدالتي فيصلن کانپوءِ ڪارروائي جاري آهي. ??اب??نا کي ٻڌايو ويو ته نيب پاران سبسڊي جي معاملي تي جاچ به جاري آهي. ??اب??نا کي ٻڌايو ويو ته ماٿر نياز رانا کي چيف سيڪريٽري مق??ر ??رڻ جي منظوري ڏني پئي وڃي. ??اب??نا ٽيڪس قانون (ترميم) آرڊيننس 2021ع جي منظوري ڏني. انهن ترميمن جو مق??د ڊيجيٽل روشن پاڪستان منصوبي ۾ سهولتڪاري آهي.
وفاقي وزير شبلي فراز ۽ اسد عمر پاران وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania