اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون وي??ن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 47 فوتگيون ٿيون جنهن مان 23 ??ين??يليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 745 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 47 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ ??ين??يليٽرز تي ڪووڊ – 19 ج?? مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 39 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 هزار 839 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 535، پنجاب ۾ 15 هزار 304، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 543، اسلام آباد ۾ 5 هزار 777، بلوچستان ۾ 838، گلگت بلتستان ۾ 443، آزاد ڪشمير ۾ 399 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 82 هزار 771 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 ج?? ڪو به مريض هن وقت ??ين??يليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ج?? لاءِ مخصوص ڪيل ??ين??يليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 327 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ج?? ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 916 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria