اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪش??يري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو، والاريل ڪش??ير جا ماڻهو ڪارن قانونن، مواصلاتي مشڪلاتن ۽ بنيادي حق ختم ٿيڻ جي باوجود ??نه??جو آواز بلند ڪري رهيا آهن، هندستان جي ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود ڪش??يري عوام جا حوصلا ڪمزور ناهن ٿي??، اسان کي ڪش??ير مسئلي تي سياسي مصلحتن کان مٿانهون ٿي هڪ زبان ٿي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر جي قيادت ??نه??جي سياسي مقصدن جي لاءِ ڪش??ير مسئلي تي ??نه??جو سياسي دڪان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي?? موجوده حڪومت ڪش??ير مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، جيستائين گڏيل قومن جي قراردادن موجب اهو مسئلو حل نٿو ٿئي، پاڪستان ڪش??يري عوام سان گڏ بيٺل رهندو. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اختلافن جي باوجود ڪش??ير مسئلي تي اسان جي يڪسوئي آهي، اسان جو موقف هڪ آهي، اسان جي منزل هڪ آهي، ان جو عملي ثبوت اهي گڏيل قراردادون آهن جيڪي اسان جي پارليامينٽ منظور ڪيون آهن.
ڪشميري عوام سان عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جيڪو واعدو ڪيو اهو اڃا تائين وفا ناهي ٿيو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم