اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته ڪراچي ۾ چي?? جي قونصليٽ تي حملي ۾ ٻاهريون طاقتون ملوث آهن، اسان کي خبر آهي ته حملو ڪنهن ڪيو ۽ حملي جي پويان ڪير آهي، اهو پوري دنيا ڄاڻي ٿي، دنيا اهو به ڄاڻي ٿي ته پاڪستان امن جي طرف هٿ وڌايو ۽ ڪير امن نٿو چاهي، پاڪ چي?? لاڳاپا تمام گهرا آهن ۽ اهڙن واقعن سان اثر نه پوندو، پاڪستان جي فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن لاءِ قربانيون ڏيندا، پاڪستان جي ڌيءَ اي ايس پي، پوليس ۽ سيڪيورٽي گارڊز جهڙي طرح سان چي??ي قونصليٽ جي حفاظت ڪئي واکاڻ جوڳي آهي. هو چي??ي ڪميونٽي طرفان شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن لاءِ شروع ڪيل فنڊ ريزنگ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش