اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف افغانستان ?? دهشتگردن ۽ شرپسندن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ موثر ۽ فوري آمريڪي عسڪري ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغان جنگ پاڪستان ?? نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ??ي اميد ٻين ملڪن مان به رکي ٿو. سينيٽ جي اجلاس دوران ڏکڻ ايشيا ۽ افغانستان جي لاءِ آمريڪي صدر جي نئين پاليسي ۽ 22 آگسٽ 2017ع جي اعلان ?? پاڪستان بابت بيان جي حوالي سان قومي سلامتي جي اهم معاملي تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ٿيندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي غور ڪيو ويو، هن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ جاري ٿيندڙ بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانستان ?? آمريڪا سان گڏجي امن جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، پاڪستان افغانين جي ذريعي افغان ق??اد?? ۾ امن عمل جي حمايت ڪري ٿو، افغان جنگ پاڪستان ?? نٿي وڙهي سگهجي، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي هر قسم جي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو آهي ۽ انهن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو آهي، پاڪستان ان دوران هزارين جانين جي قرباني ڏني آهي، اسان جي قربانين جو ا??تراف ڪرڻ گهرجي، اسان ان جنگ ۾ بي پناهه مالي نقصان به کنيو آهي، پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ اها ??ي اميد ٻين ملڪن مان رکي ٿو.
افغان جنگ پاڪستان ۾ نٿي وڙهي سگهجي: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II