گڏيل قومون – 26 مارچ (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ ??نگ بندي جي مطالبي تي ٻڌل گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائو??سل جي ٺهراءَ جي آجيان ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو ڊگهي انتظار کان پوءِ منظور ٿيل ٺهراءَ تي گڏيل قومن پاران عملدرآمد ڪرائڻ چاهين ٿا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گذريل ڏينهن سلامتي ڪائو??سل جي ٺهراءَ جي منظوري جي حوالي سان ا?? پي پي کي ٻڌايو ته اسان گڏيل قومن جي ??ارٽر جي آرٽيڪل 25 مطابق سلامتي ڪائو??سل جي ان ٺهراءَ تي فوري طور عملدرآمد جو مطالبو ڪيون ٿا. ان چارٽر جي آرٽيڪل جي شرطن تحت گڏيل قو??ن جا ميمبر ملڪ 15 رڪني ڪائو??سل جي فيصلن تي عملدرامد ڪرڻ تي متفق آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته غزه ۾ اسرائيل جي وحشياڻي مهم کي روڪڻ لاءِ هي پهريون قدم هئڻ گهرجي. پاڪستان جون 1967ع کان پهرين جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ، عمل جوڳي ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام ذريعي هڪ منصفاڻي، جامع ۽ جٽادار حل لاءِ فعال طور ڪم ڪندو رهندو، جنهن جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هو. سومر ڏينهن سلامتي ڪائو??سل جي ٺهراءَ ۾ رمضان ا??مبارڪ ۾ فوري ??نگ بندي ۽ غزه م امداد جي فراهمي کي وڌائڻ جي فوري ضرورت جو مطالبو ڪيو ويو. ٺهراءَ جي حمايت ۾ 14 ووٽ پيا جڏهن ته آمريڪا ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو هو. 30
پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل جي غزه جنگبندي واري ٺهراءَ جي آجيان، عملدرآمد جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم