گڏيل قومون-28 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي مستقل نمائندي واسيلي نيبنزيا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي وچ اوڀر بابت آمريڪي ٺهراءُ جي حمايت نه ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهي دستاويز فلسطيني شهري?? کي مارڻ واري لائسنس کانسواءِ ڪجهه به ناهن، هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آمريڪا پاران تجويز ڪيل غزه تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ جي متبادل مسودي ۾ جنگ بندي جو مطالبو ناهي ۽ ان جو مقصد اسرائيلي ڪارروائي تي گڏيل قومن جي امدادي ڪاررواي?? کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته اسان ڪائونسل جي ميمبر?? کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ان آمريڪي ٺهراءُ جي حمايت نه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فوري جنگ بندي ۽ اسرائيل پاران عالمي انساني قانون جي تعميل غزه ۾ وڏي پئماني تي غذائي کوٽ کي روڪڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن نشاندهي ڪئي ته هن وقت غزه لاءِ جنگ بندي، محفوظ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي انساني راهدارين جي تخليق سڀ کان اهم آهي. واضح رهي ته 20 فيبروري تي آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران غزه ۾ فوري جنگ بندي لاءِ هڪ ٺهراءُ جي منظوري کي روڪيو هو. روس ۽ چين سميت سلامتي ڪائونسل جي 15 ميمبرن کان 13 ال??زا??ر پاران پيش ڪيل دستاويزن جي حق ۾ ووٽ ڏنو، برطانيه ان ٺهراءُ کي رد ڪيو ۽ آمريڪا ان ٺهراءُ کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
روس طرفان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه بابت آمريڪي مسودي جي حمايت نه ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری