اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ منصوبن تي وقت سر عملدرآمد لاءِ واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم ميڊيا آ??يس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي واپڊا جي نگراني هيٺ ڀاشا ۽ مهمند ڊيمن س??يت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ جي منصوبن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔