اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي ايف) انساني بنيادن تي امداد جي طور تي حڪومت پاڪستان طرفان 300 ٽن کادي پيت?? جي شين سان ڀريل 17 ٽرڪ افغانستان روانو ڪري ڇڏيا. پاڪ افغان سهڪار فورم (پي اي سي سي ايف) جي چيئرمين حبيب الله خان خٽڪ پاڪ افغان بارڊر طورخم تي پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ??ه افغان اسان جو مسلمان ڀاءُ ۽ پا??يس?? آهي هن چيو ??ه 40 سال ڊگهي جنگ افغانستان جي معيشت، زراعت ۽ انتظامي بنيادي ڌانچي کي تباه ڪري ڇڏيو ??هي ۽ عالمي امدادي ادارن جي اوچتو واپسي پوري آبادي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ??هي گذريل سال ڏوڪاڙ سبب پريشانين ۾ اضافو ٿيو ??هي جنهن سبب انساني بحران جو سامهون آهي پر ان تي فوري ۽ موثر طريقي سان ڌيان نه ڏنو ته اهو انساني تباهي جو سبب بڻجندو. حبيب الله خٽڪ وڌيڪ چيو ??ه پاڪ افغان سهڪار فورم هڪ ٽرسٽ آه?? جيڪا ضرورت جي ان گهري ۾ افغان شهرين جي مدد لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. اسان جو مقصد نه صرف افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ، دوائن ۽ کاد?? جي شين جي صورت ۾ فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ آهي.
پاڪستان پاران افغان شهرين لاءِ انساني بنيادن تي امداد جي طور تي 300 ٽن کادي پيتي جي شيون رواني ڪري ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ