اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته نواز شريف ضد ڇڏي ۽ واپس اچي پنهنجي سزا پوري ڪري، گذريل رات کان مسلم ليگ (ن) جي سموري قيادت جون ننڊون اڏام?? ويون آهن، ڪامياب ج??ان پ??وگ??ام ملڪي معاشي ترقي ۽ روزگار جي فروغ جو سڀ کان وڏو پ??وگ??ام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب وزيراعظم جي خاص مددگار عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. فرخ حبيب چي?? ته پاڪستان مان سزا يافته نواز شريف جون اپيلون هتي رد ٿيون ۽ سزا بحال ٿي آهي، مدي خارج پاسپورٽ سان گڏ هو برطانيه ۾ ڀڳوڙو بڻج?? ويٺل آهي، ملڪي دولت لُٽي ٻاهرين ملڪ محل بڻايا ويا، پاڪستان مان لُٽيل دولت مان ايون فيلڊ ۾ محلات ٺاهيا ويا، هاڻي هن ملڪ جي اميگريشن به ان کي لال جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي ۽ چي?? آهي ته توهان جو داڻو پاڻي هتي ختم ٿ?? ويو آهي، گهڻيون ئي ڪافيون پيتون، پيزا کاڌا، هائيڊپارڪس جو سير ڪري ورتو، پولو ميچز ڏسي ورتيون، هن چي?? ته نواز شريف کي پاڪستاني عدالتن ڪرپشن تي سزا ڏني آهي ۽ ٻين کي ڪوڙو هجڻ جو طعنو ڏيندڙن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته پي ايم ايل اين ته ڪوڙ ڳالهائڻ جا ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن، چاهي اهو قطري خط جي ڳالهه هجي، جعلي ٽرسٽ ڊيڊ کان وٺي ڪليبري فونٽ تائين ڪجهه به هجي انهن جي عادت بڻيل آهي، پليٽيليٽس جي جيڪا ڪهاڻي هتي هلي هئي اها به ختم ٿي وئي، ڊاڪٽر عدنان به واپس اچ?? ويو پر نواز شريف واپس نه آيو، هاڻي نواز شريف وٽ ڪو ٻيو چارو نه آهي ته هو واپس اچي، پنهنجي ضد کي ڇڏي ۽ پاڪستان اچي پنهنجي سزائن کي پورو ڪري، لُٽيل دولت واپس ڪري، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ معاشي بحالي ۽ پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ٺو?? قدمن کنيا ته جيئن ملڪ ۾ معاشي ترقي ٿئي، ان حوالي سان حڪومت ڪامياب ج??ان پ??وگ??ام شروع ڪيو هو، ان پ??وگ??ام جي ذريعي آئيڊياز جي حامل بي وسيلا نوجوانن کي شفاف طريقي سان آسان قرض فراهم ڪيا ويا، ان موقعي تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? ته صحافين جي ڪامياب ج??ان پ??وگ??ام ۾ شموليت يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم جاري آهن ۽ ان ڏس ۾ ميڪنزم تيار ڪيو پيو وڃي، ڪامياب ج??ان پ??وگ??ام جي شرطن تي پورو لهندڙ صحافين کي به پ??وگ??ام ۾ شامل ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڪامياب ج??ان پ??وگ??ام جي ڊيش بورڊ جاري ڪيو ويو.
نواز شريف ضد ڇڏي ۽ واپس اچي پنهنجي سزا پوري ڪري: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز