اسلام آباد – 05 جون (اي پ?? پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت تي بينڪنگ محتسب پاران مناسب ڪارروائي نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي معاملي تي قانون ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جو ح??م ڏنو آهي. ايوان صد?? جي ميڊيا ونگ موجب لاهور جي رهواسي عورت روبي انوار حبيب بئنڪ ۾ پنهنجي اڪائونٽ مان 140000 روپين جي رقم بنا اجازت منتقل ڪرڻ ۽ بئنڪ جي بدانتظامي تي ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، هن بئنڪنگ محتسب کي پ??هنجي شڪا??ت ۾ ٻڌايو ته لاڳاپيل بئنڪ جي سا??هو?? ان بدانتظامي جو معاملو اٿاريو ويو پر کيس ڪو به رليف نه ڏنو ويو. بئنڪنگ محتسب مناسب جاچ کانسواءِ ۽ شڪايت ڪندڙ کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪيس بند ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صد?? کي اپيل ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز