اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عملي قدمن سان وزيراعظم عمران خان گلوبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آهي، هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج پورو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳائڻ جو چئلين?? به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته هن سال عالمي ماحولياتي ڏينهن جي ميزباني به پا??ست??ن ڪري رهيو آهي، هن چيو ته گرين ڊپلوميسي دنيا سان لاڳاپن جا نوان رستا ٺاهي رهي آهي، پا??ست??ن ۾ ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊالرز گرين يورو بانڊ فنانسنگ به منظور ٿي چڪي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم، بون چئلينج سميت عالمي ماحولياتي فورمز پا??ست??ن جي پذيرائي ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز