صوابي – 14 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته س??نيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي آهي، مخالف ڌر کلي دل سان سينيٽ چونڊن جي نتيجن کي تسليم ڪري. باجا ۾ اس??ول ۽ گئس منصوب?? جي افتتاحي تقريب جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت سان عوامي ڀلائ?? جي قانونسازي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ ۾ اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو 2013ع کان هو. اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته س??نيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪريون. مخالف ڌر جيڪڏهن اوپن بيلٽ جو اسان جو مطالبو مڃي وٺي ها ته اڄ ڪنهن کي نتيجن تي خدشا نه هجن ها. صادق سنجراڻي ۽ مرزا آفريد?? بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي محرومين جو ازالو ڪندا. پارليامينٽرينز سان جيڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ان جي لاءِ سينيئر پارليامينٽرينز جي ڪائونسل قائم ڪئي آهي. سينيئر پارليامينٽرينز ڪائونسل قائم ڪرڻ جو مقصد پارليامينٽ جي وقار کي برقرار رکڻ آهي. تعليمي سڌارا اسان جي اهم ايجنڊا آهي جنهن تي 2013ع کان ڪم جاري آهي.
سينيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نمائندگي ملي آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : راکی