اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن، 30 ڏينهن کان جاري ڪرفيو ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان هڪ زبان ٿي عالمي فورمن جو هر دروازو ٺُڪائيندو، هر جمعي تي ڪشميرين ??ان يڪجهتي جي اظهار جو سلسلو جاري رهندو، ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري يورپين پارليامينٽ ۽ او آءِ سي پاران والاريل ڪشمير بابت موثر آواز بلند ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خصوصي معاون نديم بابر ??ان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ اسپتالن جي گند ڪچري کي صحيح طريقي ??ان ٺڪاڻي نه لڳائڻ ۽ ان جي نت??جي ۾ ماحول تي پوندڙ منفي اثرن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽري گند ڪچري کي مناسب طريقي ??ان ٺڪاڻي لڳائڻ جي حوالي ??ان قانونن تي موثر عملدرآمد ڪرائين ۽ جتي ضروري سمجهيو وڃي انهن قانونن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.
ڪابينا پاران والاريل ڪشمير ۾ جاري ڪرفيو ۽ ڀارتي قدمن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ