کٽمنڊو – 05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان نيپال جي ناليوارين قومي اخبارن ۽ ٽيليويزن چينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن ۽ ايڊيٽرن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ اڳڀرائي بابت ڄاڻڻ ۾ گهري دلچسپي ظا??ر ڪئي. نيپال 2016ع ۾ ون بيلٽ ون روڊ منصوبي ۾ شامل ٿيو هو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ون بيلٽ ون روڊ ۾ نيپال جي شرڪت سان ملڪ ۾ خوشحالي جو نئون دور شروع ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں