دوشنبي – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم نواز شريف ??يو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) سان گوادر کان ڪاشغر تائين علائقائي رابطن ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا ملندا، ان سان تاجڪستان ۽ بين وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رستي وسيلي رابطا پڻ فراهم ٿيندا، پاڪستان تاجڪستان سان سلامتي تعاون کي تمام گه??ي اهميت ڏ?? ٿو، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي، منشيات جي خاتمي، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سرحدي ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد نواز شريف تاجڪ قيادت سان نويڪلائي ۽ وف??ن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهين کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم ??يو ته هو تاجڪستان ۾ سياسي استحڪام، سماجي هم آهنگي ۽ ان جي شاندار اقتصادي ترقي کان تمام گه??و متاثر ٿيو آهي. هن ??يو ته ٻنهي طرفن کان رستن، ريل ۽ هوائي رابطن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.
سي پيڪ سان علائقائي رابطن کي فروغ لاءِ نوان موقعا ملندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔