والاريل بيت المقدس- 19 فيبروري (اي پي پي) فلسطين چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلسطين ج?? مڪمل رڪنيت لاءِ اسرا??يل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو کان ؛لائيسن يا اجازت وٺڻ؛ جي ضرورت ناهي. العربيه اردو مطابق فلسطين جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا سميت سمورا ملڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري سگهن ٿا. اسان کي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرائڻ ۽ گڏيل قومن ۾ ان جي رڪنيت ڏيارڻ لاءِ اسرا??يل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بينجمن نيتن ياهو نه رڳ?? فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کي رد ڪري چڪو آهي پر والاريل بيت المقدس سميت اولهندي ڪناري ۾ يهودي آبادڪاري کي واڌ ڏئي فلسطيني رياست جي امڪانن کي نقصان ڏئي رهيو آهي ۽ ه?? فلسطيني علائقن کي غزه کان مڪمل طور تي ڌار ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته فلسطين جي پرڏيهي وزار?? جو اهو بيان اسرائيلي حڪومت طرفان فلسطيني رياست کي هڪ طرفي طور تسليم نه ڪرڻ جي ا??لان بعد سامهون آيو آهي.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي: فلسطين
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان