ڊيووس – 17 جنوري(اي پي پي) سوئٽزر لينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيل ورلڊ اڪنامڪ فورم ج?? اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عورتن ۽ مردن جي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ۾ گهڻو وڌيڪ فرق آهي جنهن سان سڄي دنيا ۾ ساليانو هڪ ??رب ڊالر نقصان ٿيندو ??هي. اردو نيوز مطابق مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون پنهنجي زندگي جو چوٿون حصو خراب صحت سبب تڪليف ۾ گذاري ڇڏينديون آهن جنهن جو هڪ سبب مردن جي صحت تي وڌيڪ تحقيق، بيماري جي سڃاڻپ ۽ علاج جو ممڪن ٿيڻ آهي. ڊيووس ۾ پيش ٿيل رپورٽ ۾ ??يو ويو آهي ته جيڪڏهن مردن ۽ عورتن جي صحت جي حوالي سان ان فرق کي ختم ڪيو وڃي ته 2040ع تائين عالمي معيشت ۾ ساليانو هڪ ??رب ڊالر جو اضافو ٿيندو، ان جو مطلب آهي ته عورتون مجموعي ملڪي پيداوار ۾ 1.7 سيڪڙو جي ترقي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر