ٽوڪيو – 11 جنوري (اي پي پي) جاپان جي ڀيٽ ??وڪ??ناوا ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي جي منصوبي تحت منتقلي واري هنڌ ڀر??ئي ذريعي زمين جي بن??اد کي مضبوط بڻائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اين ايچ ڪي مطابق جاپان آمريڪي ميرين ڪورفوتينما ايئر اسٽيشن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ناگو شهر جي هينوڪو ويجهو سمنڊ ۾ ڀر??ئي ذريعي زمين حاصل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، ان کان اڳ ??وڪ??ناوا جي حڪومت منتقلي جي ان منصوبي جي مخالفت ڪئي هئي ۽ اوارا نار جي زمين هيٺ نرم تهه کي مضبوط بڻائڻ لاءِ منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. گذريل مهيني هڪ عدالت مرڪزي حڪومت جي حق ۾ فيصلو ٻڌايو هو جنهن ۾ لاڳاپيل وزارت کي صوبي جي اعتراضن کي رد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ اڏاوتي ڪم شروع ڪيو ويو. چيف ڪابينا سيڪريٽري هاياشي يوشي ماسا چيو آهي ته ان منصوبي جي شروعات ٿي وئي آگي. اهو نو سال ۽ ٽن مهينن ۾مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن توقع ظاهر ڪئي ته اڏاوتي منصوبي تي مرڪز ۽ ??وڪ??ناوا جي حڪومتن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه مناسب طريقي سان جاري رهندي. ??وڪ??ناوا جي مخالفت باوجود منصوبي تان پوئتي نه هٽڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي خيال ۾ آمريڪي اڏي کي هينوڪو منتقل ڪرڻ ئي واحد حل آهي ته جيئن فوتينما بيس هي واپسي کي ممڪن بڻ??ئي سگهجي ۽ علائقي کي امڪاني خطري کان بچ??ئي سگهجي.
جاپان، اوڪيناوا ۾ آمريڪي اڏي جي منتقلي تي ڪم شروع
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز