جڪارتا-21 ڊسمبر (اي پي پي) اوڀر انڊونشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ مسافر ٻيڙي گم ٿي وئي آ??ي، ٻيڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 ماڻهو سو??ر هئا. اي ايف پي موجب هڪ انڊونيشيا جي اهلڪار مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته امدادي ڪارڪن ان ٻيڙي جي ڳولا ڪري رهيا هئا جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 مسافر سو??ر هئا، ٻيڙي اربع ڏينهن اوڀر انڊونيشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ ماموجو ايجنسي جي ڪناري تان گم ٿي آ??ي، انڊونيشي اداري ماموجو سرچ اينڊ ريسڪيو (ايس اي آر) جي سربراهه محمد رجال ٻڌايو ته شادي جي 28 مهمانن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ۾ امبو جزيري جي پاڻي ۾ داخلا کانپوءِ رابطو ڪٽجي ويو هو. ٻيڙي مقامي وقت موجب صبح 10 وڳي ويجهو امبو جزيري کان رواني ??ي هئي ۽ ان جي شام 4 وڳي ماموجو جي پورٽ سماري جي مقام تي پهچڻو هو. ياد رهي ته انڊونيشيا جيڪو تقريبن 17000 جزيرن تي ٻڌل ملڪ آهي ۾ حفاظت جي ڪمزور معيارن سبب سامونڊي حادثا عام آهن.
انڊونيشيا ۾ 28 مسافرن سميت ٻيڙي گم ٿي وئي
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش