واشنگٽن – 11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ??در جوبائيڊن پنهنجي يوڪرين جي هم منصب ولاديمير زيلنسڪي کي اڱاري تي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني آهي ته جيئن يوڪرين جي فوري ضرورتن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي. العربيا اردو مطابق آمريڪي صدارتي ترجمان بيان ۾ چيو آهي ته ٻئي ??در روسي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي فوري ضرورتن ۽ ان نازڪ لمحي ۾ آمريڪي ??ما??ت جاري رکڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. يوڪرين جي ايوان ??در بيان ۾ چيو آهي ته ان ملاقات ۾ يوڪرين ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌيڪ دفاعي سهڪار، خاص طور تي هٿيارن ۽ فضائي دفاعي نظام جي تياري جي گڏيل منصوبن ذريعي ٻه طرفي سهڪار جي ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويندو. جوبائيڊن طرفان پنهنجي يوڪريني هم منصب کي وائٽ هائوس جي دعوت اهڙي وقت ۾ ڏني وئي آهي جڏهن اربع تي آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن اپوزيشن وائٽ هائوس طرفان 106 بلين ڊال?? ماليت جي هنگامي امدادي پيڪيج جي منظوري لاءِ پيش ڪيل درخواست کي روڪي ??ڏي?? هو.
آمريڪي صدر جي يوڪرين هم منصب کي وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا