جنيوا -20 نومبر (اي پي پي) صحت جي عالمي ??دا??ي جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊنوم گيبروسيس آهي ته غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي، ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ هن چي?? ته غزه ۾ شفا اسپتال هاڻي وڌيڪ ??دم??ون فراهم نٿي ڪ??ي سگهي. جيڪا اسرائيل جي ناڪابندي ۽ حملي جي لپ??ٽ هيٺ آهي. هن آگاهي ڏني ته پاڻي، خوراڪ ۽ ٻارڻ ختم ٿي چڪو آهي، ان کان علاوه طبي سامان به ختم ٿي ويو آهي. هن ٻڌاي?? ته ٻارن سميت مريضن جي حالت تمام خراب آهي، طبي عملي اهڙن مريضن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي. هن ٻڌاي?? ته اسان پنهنجي شراڪتدارن سان فوري طور تي مريضن کي اتان منتقل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ۽ مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ان منصوبي کي مڪمل طور تي سهولت فراهم ڪئي وڃي. موجوده صورتحال برداشت جوڳي ناهي، هاڻي جنگبندي ڪئي وڃي. هڪ ٽيم ٻڌايو آهي ته اسپتال جي دروازي تي هڪ اجتماعي قبر ڏٺي آهي ۽ اٽڪل اتي 80 کان وڌيڪ ماڻهو دفن آهن. صحت جي عالمي ??دا??ي ٻڌاي?? ته هن وقت اسپتال ۾ 291 مريض ۽ 25 طبي ڪارڪن موجود آهن جن مان 32 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. عالمي ??دا??ي چيو آهي، ته فوري جنگ بندي ڪئي وڃي ۽ وڏي پئماني تي انساني امداد جاري رکي وڃي.
غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ