اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصا??ي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏيندي مقامي سطح تي موبائيل فون جي تياري جي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ ريٽيلرز جي لاءِ مينوفيڪچرنگ تي 4 س??ڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ مقامي طور تي موبائيل فونز جي تياري تي سيلز ٽيڪس کي ??تم ڪرڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي جنهن جي لاءِ طريقيڪار ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ طئي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پاران قرض وٺڻ جي نئين پاليس?? 2020ع پيش ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس عالمي فنانس ڪارپوريشن پاران پاڪستاني رپئي سان واڳيل بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي ايجنڊا کي ??ي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪابينا جي اقتصا??ي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ