اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو کانپوءِ احتساب رياست جو اهم مقصد بڻجي چڪو آهي، احتساب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو کان شروع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، نيب قانون موجب جنهن تي الزام لڳندو آ??ي اهو ثابت ڪندو آهي ته منه??جي دولت جائز آهي يا نيب جو الزام درست آهي، قومي احتساب بيورو اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي خبر بڻ??ئڻ اخبار جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، دنيا ۾ احتساب جمهوري حڪومتن جي قيام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مسلمانن لاءِ احتساب جو نظ??م حضور صه جي دور ۾ شروع ٿيو، مديني جي رياست هر مسلمان جو خواب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa