رياض-28 مارچ (ا?? پي پي) سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ شاهه سلمان ??ن عبد??لع??يز جي سرپرستي هيٺ امام محمد ابن سعود اسلامي يونيورسٽي جي ميزباني ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي شروعات 28 مارچ کان ٿيندي. عرب نيوز موجب قومي تعلق ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن کي هٿي ڏيڻ ۾ يونيورسٽين جي ڪردار جي عنوان ??ان ڪانفرنس 28 ۽ 29 اپريل تي امام محمد ابن سعود اسلامي يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيندي. امام محمد ابن سعود يونيورسٽي جي صدر احمد بن سالم الاميري ان ??لسلي ۾ سرپرستي تي شاهه سلمان ??ن عبد??لع??يز جو ٿورو مڃيو آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد اعليٰ قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ يونيورسٽين جي تجربن کان ??جاگر ڪرڻ ۽ صحيح نظريي جي اهميت کي واضح ڪرڻ آهي ته جيئن اعتدال جو موقف اجاگر ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ مملڪت ۽ ٻين ملڪن جا اڳواڻ، معزز، اسڪالرز ۽ دانشور شرڪت ڪندا، جيڪي پنهنجي خطبن، خيالن جي ڏي وٺ ۽ ورڪشاپس دوران پنهنجي ماهراڻي ق??نو??ي، سائنسي ۽ سماجي راءِ جو اظهار ڪندا.
سعودي عرب ۾ امن ۽ گڏيل بقاءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ يونيورسٽين جي ڪردار جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی