برلن، جنيوا -18 مارچ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن. ٽي آر ٽي مطابق سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ هزارين ماڻهن فلسطين سان ??ڪجهتي لاءِ مارچ ڪيو. 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ اسرائيل طرفان ڪيل حملن خلاف شهر جي پارڪ ڊيس ڪروپيٽس اسڪوائر تي هزارين ماڻهو گڏ ٿيا. مظاهرين انگريزي، فرانسيسي ۽ عربي ۾ فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل خلاف رد عمل جا نعرا لڳايا. مظاهرين فلسطين خلاف اسرائيل جي نسل ڪشي تي رد عمل ??و اظها?? ڪيو ۽ غزه م ڏڪار ۽ خاص طور تي بک سبب ٻارن جي فوتگين تي ردعمل ??و اظها?? ڪيو. اهڙي ريت جرمني جي گادي واري هنڌ برلن ۾ پڻ فلسطين جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مختلف فلسطيني گروپن جي انتظام هيٺ ”فلسطين سان ??ڪجهتي جو مظاهرو“ جي دائريڪار ۾ ڪيترائي ماڻهو نيوڪلن ضولع ۾ سو??يل?? ٽرين اسٽيشن ويجهو واري علائقي ۾ گڏ ٿيا. جنهن کان ??وءِ مظاهرين فلسطيني جهنڊو کڻي حرمين اسڪوائر ڏانهن مارچ ڪيو. غزه تي اسرائيل جي حملي خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين ”غزه ۾ نسل ڪشي بند ڪيو“، ”بيت المقدس فلسطين جو گادي وارو هنڌ آهي“، هاڻي جنگ بندي ۽ فلسطين جي آزادي جا نعرا هنيا.
سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا