جڪارتا-08 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا اسرائيلي فوج جي ترجمان جي انهن بيانن جي ترديد ڪئي آهي ته جن ۾ چيو ويو هو ته غزه ۾ انڊونيشيا جي ما??ي مدد سان تيار ٿيندڙ هڪ اسپتال جي هيٺان حماس جون سرنگهون آهن ۽ هي راڪيٽ حملن لاءِ هڪ پليٽ فارم سان جڙيل آهن. سعودي خابرو اداري موجب اتر غزه جي پٽ?? ۾ واقعي هي اسپتال انڊونيشيا جي فنڊزن ٺاهيو ويو هو، انڊونيشا جي پرڏيه?? وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته غزه ۾ انڊونيشي اسپتال هڪ اهڙي سهولت آهي جيڪا اسان جي عوام انساني همدردي تحت غزه ۾ فلسطيني عوام جي طبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ??اءِ تيار ڪئي آهي. پرڏيه?? وزارت جي ترجمان اقبال محمد چيو ته غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سرنگهن جي موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙ آهي، اسپتال کي هلائڻ واري تنظيم (ايم اي آر – سي) ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته اسپتال حماس جي استعمال هيٺ هئي، هي بيان اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هاگري جي اعلان کانپوءِ هڪ ڏينهن بعد ۾ سامهون آيو جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته اسپتال هڪ اهڙي جڳهه تي ٺاهيوويو آهي جيڪو حماس جي سرنگهن جي نيٽ ورڪ کي لڪائي ٿو، هن چيو هو ته حماس اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ ??اءِ ويجهي جڳهه کي اڏي طور استعمال ڪري رهي آهي.
غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سرنگهن جي موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙو آهي: انڊونيشيا
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی