ولنيئس -12 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن س??ئي??ن جي نيٽو ۾ شموليت جي مخالفت ختم ڪرڻ تي پنهنجي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جو شڪريو ادا ڪيو آهي ۽ ان جي همت ۽ دليراڻي قيادت جي تعريف ڪئي آهي ۽ سندس ان فيصلي کي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سعودي خاب??و اداري مطابق هن لٿوانيا جي گادي واري هنڌ ولنيئس ۾ نيٽو جي ٻن ڏينهن واري سربراهه اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر اردگان سان م??اقات دوران چيو ته مان اوهان جي سفارتڪاري ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اوهان جي همت ۽ حوصلي تي توهان جو شڪ??و ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. فرانسيسي خاب??و اداري مطابق آمريڪي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ترڪ صدر جي ان فيصلي کان پوءِ آمريڪا طرفان ترڪيه کي ايف16 ويڙهاڪ جها??ن جي فراهمي وارا قدم تيز ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته اولهه گادي واري هنڌ ترڪ صدر طرفان س??ئي??ن جي ميمبر شپ جي راهه م رڪاوٽ وجهڻ تي مايوسي ۾ اضافو ٿي رهيو هو. س??ئي??ن جي اتحاد ۾ شموليت جي ڪ??شش کي مڪمل ٿيڻ لاءِ نيٽو جي ميمبرن جي گڏيل منظوري گهربل هئي. س??ئي??ن گذريل سال يوڪرين تي روس جي فوج جي حملي جواب ۾ فن لينڊ سان گڏ ملي نيٽو جي ميمبرشپ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي هئي پر ترڪيه ۽ هنگري ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا.
آمريڪي صدر سوئيڊن جي نيٽو ميمبرشپ جي مخالفت ختم ڪرڻ تي ترڪيه جي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ