اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪفايت شعاري ۽ سادگي مهم جي باقاعده شروعات پنهنجي ذات کان ڪئي، هو 1100 ڪينال جي و??يراعظم هائوس کي ڇڏي 4 ڪينال کان به گهٽ واري گهر ۾ منتقل ٿيو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم جي ميڊيا بابت خصوصي معاون افتخار دراني سان گڏ پ?? آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چئي. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته جنهن ملڪ ۾ 8 ڪروڙ ماڻهن کي صاف ٽوائلٽ جي سهولت نه هجي، 21 سيڪڙو ماڻهو ماحولياتي آلودگي سبب موت جي و?? چڙهي وڃن، جتي عورتون ويم دوران موت جي و?? چڙهي وڃن ۽ جيڪو ملڪ انساني و??يلن جي درجابندي ۾ 188 ملڪن مان 147 هي?? نمبر تي هجي، ان ملڪ جا حڪمران ڪيئن وڏن وڏن محلن ۾ پنهنجي شاهاڻي زندگي جي لاءِ عوام جي ٽيڪس جو پئسو بيدردي سان استعمال ڪري سگهن ٿا.
وزيراعظم ڪفايت شعاري پنهنجي ذات کان شروع ڪئي آهي: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری