ڊيره بگٽي / اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بلوچستان جو مستقبل صوبي جي عوام جي هٿن ۾ آهي، ووٽ ڏيڻ جو صحيح فيصلو ڪيو ته ان جا ثمر توهان آڏو هوندا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن بلوچستان ملڪ جو امير ترين صوبو هوندو، بلوچستان ۾ 455 ارب رپيا رستن جي منصوبن ت?? خرچ ٿيندا، هر ضلعي هيڊڪوارٽر کي گئس فراهم ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت جي مدد سان صوبي ۾ 21 يونيورسٽ??ون قائم ٿي ره??ون آهن، ناراض بلوچ ڀائر گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه بدران صوبي ۽ عوام جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺن، محمد نواز شريف جي دور ۾ بجلي جا تاريخي منصوبا لڳا جن جا ثمر بلوچستان کي ملندا، سڀ کان قيمتي وسيلو پاڻي آهي جنهن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، پاڻي جا م??املا ڏسڻ جي لاءِ ملڪ ۾ جدا وزارت قائم ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ جي فيصلي سان اتفاق نه آهي پر ان جو احترام ڪر??ون ٿا، ڊير بگٽي ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه ثابت ٿيندو، ڊيره بگٽي جي عوام سان واعدو آهي ته انهن جا م??ئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره بگٽي ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو.
بلوچستان جو مستقبل صوبي جي عوام جي هٿن ۾ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن