اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته اقتصا??ي تعاون تنظيم (اي سي او) خطي کي مضبوط اقتصادي بلاڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، علائقائي رابطن جي گهٽتائي اقتصا??ي تعاون ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. معاشي سهڪاري تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 22 هين اجلاس جي چيئرمين شپ جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ خطاب ڪندي پرڏيهي صلاحڪار خطي ج?? سمورن انساني ۽ مادي وسيلن سان ڀ??پور فائدو کڻندي اي سي او کي هڪ مضبوط اقتصادي بلاڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته خطي ۾ گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ريل، رستن، سامونڊي ۽ فضائي رابطن جي سخت ضرورت آهي، اي سي او خطو سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد