واشنگٽن-06 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري ??زير لائيڊ آسٽن ڏکڻ ڪوريا جو دورو رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري ??وجب ٻن آمريڪي اختيارين ٻڌايو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي هلندڙ هفتي مارشل لا لڳائڻ جي ناڪام ڪوششن کانپوءِ ان سبب پيدا ٿيل حالتن کي نظر ۾ رکندي آمريڪي دفاع وارو وزير لائيڊ آسٽن هاڻي ڏکڻ ڪوريا جو سفر ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي. هڪ اهلڪار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ان سفر لاءِ منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، پر هاڻي اهو طئي ٿيو آهي ته هي مناسب وقت ناهي. عهدي??ار چيو ته سفري ??نصوبن ۾ تبديلي جي حوالي سان ڏکڻ ڪوريا سان صلاح ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج