قاهره -26 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر ۾ الي??شن اختيارين صدارتي چونڊ 10 کان 12 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي ميڊيا مطابق نيشنل الي??شن اٿارٽي جي چيئرمين جسٽس وليد حسن حمزه ٻڌايو ته پولنگ 10، 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ٿيندي، اميدوار آڪٽوبر کان درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، اميدوارن ج?? فهرست کي 9 نومبر تي حتمي شڪل ڏني ويندي، چونڊ مهم 29 نومبر تائين جاري رهندي ۽ نتيجن جو اعلان 18 ڊسمبر تي ڪيو ويندو. اڳوڻي آرمي چيف صدر ??بدالفتاح السيسي جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ آهي اڃا تائين پنهنجي اميدواري جو باقاعده اعلان ناهي ڪيو. 68 سالن جو عبدالفتاح السيسي پهريون ڀيرو 2014ع ۾ صدر چونڊيو هو ۽ وري 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي تائين رڳو ٻن ٻين اميدوارن چونڊن ۾ ح??و وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ مخ??لف ڌر جو سياستدان احمد الطعطاوي شامل آهي. مصر جي سوشل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر فريد زهران به چونڊ ۾ ح??و وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 10 کان 12 ڊسمبر تي ٿيندي: نيشنل اليڪشن اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا