اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت جي ??نيادي ڍانچي جي ??عمير جي لاءِ پرعزم آهيون، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن جي ??چت جي لاءِ معياري ۽ گهٽ لاڳت جا رستا تعمير ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ – کاريان راولپنڊي موٽروي جي ??والي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت رستا تعمير ڪرڻ آهي، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جي ??اولپنڊي تائين توسيع جو منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان سان علائقي ۾ سامان ۽ خدمتن جي موثر چرپر کي يقين?? بڻائي سگهبو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي نه رڳو وڌيڪ نوان رستا ٺاهي رهي آهي پر بهتر معيار ۽ گهٽ لاڳت جي ??ستن جي ??عمير لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 1753 ڪلوميٽر جي نئين رستن جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. چئن ڦاڪن وارو رستو 17 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي ??ساب سان تعمير ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڳوڻي حڪومتن جي ??ورن ۾ اهو رستو 37 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي ??ساب سان تعمير ڪيو ويندو هو. تازو ئي شروع ٿيندڙ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي اڳوڻي حڪومت پاران تعمير ڪئي ويندڙ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کان 10 ڪروڙ رپيا في ڪلوميٽر گهٽ لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ممڪن لاڳت تي معياري انفراسٽرڪچر جي ??عمير جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.
معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت جي بنيادي ڍانچي جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔