اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙ?? جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپي?? جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرائيويٽ بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ??اڪٽر عارف علوي کي درخواست ڪئي هئي. واضح رهي ته نجمه سلطانه، زاهد شاهه ۽ طارق محمود چوڌري نالي شهري?? جي اڪائونٽس مان دوکيبازي ذريعي 12 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍي وئي هئي ڇو ته شڪايت ڪندڙن فراڊ ڪندڙن کي ٽيليفون تي پن??نجي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل ڏنا هئا. واضح رهي ته شڪايت ڪندڙن پن??نجي بئنڪن پاران آن لائين بئنڪنگ جي سهولت حاصل نه ڪئي هئي. بنا اجازت جي اڪائونٽس مان رقم ٽرانسفر ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب پرائيويٽ بئنڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پن??نجي فيصلي ۾ چيو هو ته بئنڪ صارفين کي پن??نجي مصنوعات بابت آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ بئنڪ?? جي ذميواري آهي. صدر ??اڪٽر عارف علوي پرائيويٽ بئنڪن پاران ڏني ويندڙ درخواست تي چيو آهي ته صارفي?? جي اجازت کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪري رقم جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته بئنڪون قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي به دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙي طرح صدر ??اڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙ?? جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپي?? جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.
صدر پاران بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں