اسلام آباد ??? 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ واپڊا چيئرمين ??يف??يننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يف??يننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ واپڊا چيئرمين مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻي ذخيرن جي منص??بن تي گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، پاڻي ذخيرن جي مختلف منص??بن تي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ واپڊا کي ڏنو آهي. هن چيو ته پاڻي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، انهن منص??بن سان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته 70 سالن ۾ جيترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي انهن 10 پاڻي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ سان ذخيرو ٿي سگهندو.
مملڪتي وزير فرخ حبيب سان واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ