اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاو?? جاري رکندو، اميد آهي افغان اڳواڻ افغان مسئلي جي وسيع البنياد ۽ ٺوس سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا، ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن معاملن تي ترڪيءَ جي مضبوط ۽ مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن ترڪيءَ جي دفاع واري وزير حلوسي آڪار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ بي مثال گڏيل اعتماد ۽ گڏيل حمايت جي بنياد تي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي ??ائر عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ترڪيءَ ۾ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سان نقصان تي همدردي جو پڻ اظهار ڪيو. پاڪستان پاران يڪجهتي ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن امداد کي ورجايو. وزيراعظم بطرفي دفاعي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن معاملن خاص طور تي ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان جي ??رپور ۽ مسلسل حمايت تي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا. علائقائي معاملن جي حوالي سان وزيراعظم افغان امن عمل بابت پاڪستان جي موقف کان کيس آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڳال??ين ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته افغان اڳواڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ پائيدار سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ سياسي حل جي لاءِ مدد ڏيڻ جي ??وششن ۾ تعاون ڪندو. ترڪيءَ جي دفاع واري وزير ترڪي جي صدر اردوان پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ڄمون ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ترڪيءَ پاران پاڪستان جي حمايت کي ورجايو. هن وزيراعظم سان ملاقات ۾ دفاع سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي خ??ال?? جي ??ي وٺ ڪئي. هن افغانستان ۾ سياسي حل جي لاءِ ترڪيءَ جي ??وششن جو پڻ ذڪر ڪيو. حلوسي آڪار جو پاڪستان جو دورو ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اهم ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جو حصو آهي.
پاڪستان افغان امن عمل ۽ مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números dupla sena